سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ دوست ڌرين جي اڪثريت گهرجي

 

اسان وٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان زيادتين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، زيادتين جي ان ڊگهي تاريخ ۾ مزاحمت جي به هڪ ڊگهي تاريخ آهي. اسانجي وڏن جون برابر ڪجهه تمام وڏيون غلطيون به آهن جن ڪيترن معاملن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڦاسائي ڇڏيو آهي. جنهن مان نڪرڻ واري جدوجهد جي به هڪ تاريخ آهي. قومي، جمهوري ۽  انقلابي سياست جي جاکوڙ ۾ بيشڪ اسان تمام گهڻيون ڪامرانيون به ماڻيون آهن ته ناڪاميون به پلئه پيون آهن.

سنڌ ۽ سنڌي عوام کي جيڪي ڪاميابيون پلئه پيون آهن تنهن ۾ سنڌ جي سياسي  جماعتن، سنڌي اديبن، سنڌي صحافين، سنڌ جي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عورتن جي حقن وارين تنظيمن جو يادگار ڪردار رهيو آهي جنهن کي اسان اٿي بيهي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪيون ٿا. پر هاڻي ان تاريخي ۽ يادگار جدوجهد جي تقاضا اها آهي ته سنڌي قوم پنهنجي جدوجهد جو  ڪو به مورچو خالي نه ڪري، هر محاذ تان جدوجهد ڪري.

سنڌ جي قومي، انقلابي ۽ جمهوري جماعتن کي پنهنجي منشور سان پارلياماني سياست ۾ به حصو وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ مخالف سوچ جي اڪثريت آهي. حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ ثابت ڪيو آهي ته اها اقتدار لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي ان مان نه سنڌ دشمن کي ڪو ڀئُه آهي ۽ نه ئي سنڌ جي سڄڻن کي ڪو آسرو. مخالف بينچن تي اڪثريت ان ڌر جي آهي جيڪا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي باضابطه جدوجهد ڪندي رهي آهي. اڄ پي ٽي آءِ جو وزيراعظم عمران خان به انهن ڌرين سان مليل آهي.جن جي سنڌ مخالف سوچ آهي.

ان اسيمبلي جي ماحول کي ڏسندي سنڌ دوست سياسي ڌرين کي سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ جي حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي ۽ اڪثريت جي بنياد تي جمهوري روح پٽاندڙ چونڊون کٽي اسيمبلي ۾ اچڻو پوندو. جيڪڏهن سنڌ دوست ڌريون پ پ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي اڪثريتي پارٽيون ٿي نمائندگي ڪن ته اها تمام وڏي ڪاميابي ليکي ويندي. اسان چونداآهيون ته سياست اها ڪجي جنهن سان مقصد به حاصل ٿي وڃن ۽ دشمنن کي خبر به نه پوي پر اهڙي سياست لاءِ پوءِ پارٽي مفادن کان ۽ لڪير جو فقير ٿيڻ واري سياست مان هٿ ڪڍڻا پوندا. جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي جيڪا بظاهر سنڌ ۾ ڪنهن  به آئيني ۽ قانوني تبديلي جو مرڪز آهي ته اها سنڌ دشمنن جي حوالي ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙي دانائي آهي؟ اهو پليٽ فارم به سنڌ دوست ڌرين کي استعمال ڪرڻ گهرجي.

بي شڪ سنڌ دوست ڌرين لاءِ ملڪ جو اليڪيشني نظام نوگو ايريا بڻايو ويو آهي پر سنڌ دوست ڌرين کي ان جو ٽوڙ به ڳولهڻو پوندو ۽ اهوٽوڙ آهي ٻڌيءَ جو. جيڪڏهن سڀ سنڌ دوست ڌريون هڪ نقطي تي گڏ ٿي پاڻ ۾ اتحاد ڪري چونڊ وڙهن ته اهي نيٺ سنڌ اسيمبلي اندر پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اهو پارلياماني سفر بظاهر ڏکيو آهي جو سنڌ دوست ڌرين لاءِ  نوگو ايريا آهي پر ناممڪن به ناهي. ضرورت صرف ان پاسي سوچڻ جي ۽ سنڌ جي عظيم مفاد ۾ ان تي گڏ ٿيڻ جي، پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿيڻ جي آهي. جيئن ته سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي اسان بحيثيت سنڌي قوم متحد ٿي ڏيکاريندا آهيون. اهڙي اڳڀرائي اسان کي ان معاملي ۾ به ڏيکارڻي پوندي ۽ نيٺ اقتداري ڌريون مجبور ٿي اوهان لاءِ سنڌ اسيمبلي جا رستا کولڻ تي مجبور ٿينديون. جيڪڏهن لساني ۽ دهشتگرد تنظيمن لاءِ سنڌ اسيمبلي جا دروازا کليل آهن ته سنڌ صوبي جي سنڌ دوست ڌرين جو به اهو حق آهي ته اهي سنڌ جي اسيمبلي ۾ داخل ٿين ۽ پوءِ اتي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ يا سنڌ جي هر قسم جي سياسي، سماجي، تاريخي ۽ معدني وسيلن کي بچائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا. گهر ويٺي ڪجهه نه ملندو، اڳتي اچڻو پوندو ۽ سنڌ جي سڀني ادارن ۾ وڃي ڪري سنڌ جي  مالڪي ڪرڻي پوندي. توهان ميدان تي هوندئو ته اقتداري ڌريون به اوهان ڏانهن اين متوجهه ٿينديون جيئن ثقافت جي ڏينهن کي ملهائڻ تي سنڌي قوم جي ڏيهه پرڏيهه ۾ ناما چاري ٿي آهي.بائيڪاٽ ڪرڻ سان ۽ ادارا سنڌ دشمن ڌرين جي حوالي ڪرڻ سان اوهان نيست نابود ئي ٿيندئو.

اها اسان جي هڪ خواهش آهي ته سنڌ دوست ڌرين کي سنڌ اسيمبلي ۾ ججهي انگ ۾ ڏسون. اميد ته اسان جي ان خواهش جي  جي عزت ڪئي ويندي. عزت مان مراد اها آهي ته ان راءِ تي سوچيو ويندو. ماضيءَ ۾ يقيني طور تي ان ڏس ۾ اسان جي سياسي اڳواڻن اهڙيون ڪوششون پهريون به ڪيون آهن پر اسان جو خيال آهي ته اهڙيون ڪوششون هر هر ٿيڻ گهرجن ۽ ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪو نقصان ناهي، فائدو ئي ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.