ملڪي حالتون ۽ قومي مڪالمي جي گهرج

هڪ ڳالهه طئي آهي ته 2018ع ۾نئين نظام جو تجربو ڪيو ويو، اهو ناڪام ٿيو. رياستي ادارن پنهنجي حدن کان وڌي انهن سان سهڪار ڪيو. ميڊيا پڻ مثبت رپورٽنگ جي نئين تاريخ رقم ڪئي پر  ان جي باوجود اهو نظام هلڻ ۾ناڪام ويو. اهڙين حالتن ۾هڪ ڀيرو ٻيهر تبديليءَ جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون آهن پر سنجيده حلقا تبديليءَ کان وڌيڪ گرينڊ نيشنل ڊائلاگ تي زور ڏئي رهيا آهن. سبب صاف ظاهر آهي، هن وقت جو مسئلو آڏو آهي ان ۾ڪجهه ته حڪومت جي حوالي سان آهي پر گهڻو ڪري رياست سان آهي. اهو چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو ته حڪومت کي خطرا گهٽ پر رياست کي وڌيڪ درپيش آهن ۽ ان لاءِ رياستي ادارن وچ ۾گرينڊ ڊائلاگ جي ضرورت گهڻي محسوس ڪئي پئي وڃي. گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ ۽ ري ڪنسيليشن جي ضرورت جهڙي تناظر ۾محسوس ڪئي پئي وڃي، ان جا ڪجهه نقڪا هيٺ ڏنل آهن.

.1  حڪومت تڪراري آهي، سواءِ پي ٽي آءِ جي باقي هر پارٽي چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏنو هو.

.2  سينيٽ هجي يا قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبليون، هونئن به اپوزيشن جا ميمبر ان ۾ويٺا آهن پر انهن کي ڪير چونڊيل ادارو نه ٿو سمجهي ۽ نه ئي انهن وٽ ڪو اختيار آهي.

.3 ملڪ معاشي طور تباهيءَ  جي ڪناري آهي، تاريخ ۾پهريون ڀيرو جي ڊي پي گروٿ منفي پاسي وڃي پئي، سلسلو اهڙي نموني جاري رهيو ته اقتصادي حوالي سان پاڪستان لاءِ سلامتي جو خطرو بڻجي سگهي ٿو.

.4  فوجي اداري جي حوالي سان پهريون ڀيرو سوال اُٿي رهيا آهن، ماضي ۾رڳو بلوچستان، پختونخواهه ۽ سنڌ کان تنقيد ٿيندي هئي، اڄ پنجاب جو اڳواڻ نواز شريف سڀني کان سخت لهجو استعمال ڪري رهيو آهي.

.5  ماضيءَ ۾حڪومتون اپوزيشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾پُل جو ڪردار ادا ڪنديون هيون پر موجوده حڪومت کي پنهنجي بقا ان ۾نظر اچي ٿي ته هو اپوزيشن کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي. اپوزيشن تي جڏهن غداريءَ جا الزام لڳندا آهن ته جواب ۾انهن جي طرف کان به ڪجهه وقت اهڙا بيان ايندا آهن جيڪي قومي مفاد لاءِ نقصان جو سبب بڻجندا آهن.

.6  بلوچستان، قبائلي ضلعن ۽ گلگت بلتستان جون محروميون پنهنجي جاءِ تي برقرار آهن جڏهن ته مسنگ پرسنز جو مامرو رياست ۽ عوام جي وچ ۾وڇوٽي پيدا ڪري رهيو آهي.

.7  اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ عدليه تي جهڙي نموني دٻاءُ وڌو ويو يا ثاقب نثار ۽ ارشد ملڪ جهڙن ججن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري عدليه بابت عوام جو اعتماد گهڻو مجروح ٿي ويو آهي، ان ۾هاڻي ڪو شڪ ناهي ته قومي احتساب بيورو، احتساب جو نه پر سياسي انتقام ۽ سياسي بليڪ ميلنگ جو ادارو آهي. نيب چيئرمين پاڻ بليڪ ميل ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن نيب جي حوالي سان اصل حقيقتون آڏو اينديون ته قيامت صغريٰ برپا ٿي ويندي.

.8 والاريل ڪشمير کي مودي هڙپ ڪري ورتو آهي پر سفارتي محاذ تي پاڪستان جي اڪيلائي جو اهو عالم آهي جو انڊيا کي ڪنهن به صورت ۾فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور نه پيو ڪري سگهي. ٻيو آپشن جنگ جو آهي پر ظاهر آهي ته هن وقت پاڪستان، جنگ جي پوزيشن ۾ ناهي. اهو خطرو موجود آهي جو ڪشميري پاڪستان کان مايوس ٿي وڃن جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جي اندر سياسي پولرائزيشن سبب اپوزيشن، حڪومت ۽ ان جي سهولتڪارن تي ڪشمير فروشي جو الزام لڳي رهيو آهي.

.9اقتصادي ۽ سفارتي ميدان ۾ماضي جو عرب دوست اسان جو وڏو سهارو هوندو هو پر عمران خان جي ناتجربيڪاري سبب اُهي پڻ اسان کان پري هليا ويا. اسان ايران جو اعتماد بحال ڪري نه سگهياسين ته سعودي عرب ۽ يو اَي اِي جو اعتماد وڃائي ويٺاسين، اهو هڪ نئون چئلينج آهي.

.10 وچ اوڀر يا اوڀر وسطيٰ جون تبديليون به اسان لاءِ نئون چئلينج بڻجي ويون آهن. سعودي عرب ۽ يو اَي اِي هاڻي ايران کان وڌيڪ ترڪي کي خطرو سمجهڻ لڳو آهي، ساڳئي تناظر ۾اسرائيل کي تسليم ڪيو پيو وڃي پر اهڙا اطلاع به آهن ته يو اَي اِي، اسرائيل ۽ انڊيا اسٽرٽيجڪ الائنس ڪرڻ وڃي رهيو آهي. اهڙي نموني پاڪستان تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو. هنن ملڪن سان گڏ لاڳاپن ۾توازن پل صراط تي سفر آهي ۽ جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت تي ڇڏيو ويو ته هي روايتي افراتفري کان ڪم وٺي مامرن کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيندي.

هي اُهي چئلينج آهن جيڪي هن وقت ملڪ جي آڏو آهن ۽ جيڪڏهن هنن جي مقابلي لاءِ قوم جي گڏيل ذهانت کي استعمال نه ڪيو ويو ته ملڪ کي خانه جنگيءَ کان رڳو الله جو ڪرم ئي بچائي سگهي ٿو. حقيقت اها آهي ته هن وقت ملڪ ۾بدترين غربت ۽ بيروزگاريءَ سان گڏ بدترين گُهٽ به جنم وٺي چُڪي آهي جيڪا ڪنهن به وقت لاوي جي شڪل ۾ڦاٽي سگهي ٿي ۽ هن تباهي جو رستو روڪڻ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو ناهي ته هنگامي بنيادن تي گرينڊ قومي ڊائلاگ جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾سمورا اسٽيڪ هولڊرز شامل هجن.

سوال اهو آهي ته هن ڊائلاگ جو بندوبست ڪير ڪندو؟ ڇا حڪومت ڪندي؟ نه حڪومت نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته هي تاريخ جي تڪراري حڪومت آهي، ته پوءِ فوج ڇا ڪري پر فوج لاءِ به مناسب نه هوندو ڇوته هو نه رڳو هڪ ادارو آهي پر اهم ڌُر به سمجهيو ويندو آهي. منهنجي خيال ۾ عدليه به رياستي ادارو آهي ۽ ڊائلاگ ۾ڌُر به، شايد ان لاءِ عدليه به مناسب ناهي. منهنجي خيال ۾ مناسب فورم سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن ٿي سگهي ٿي يا هڪ ڪائونسل آف ايلڊرز (Elders) تشڪيل ڏيڻ گهرجي جنهن ۾جنرل وحيد ڪاڪڙ جهڙا رٽائرڊ فوجي، ايل ايف او تحت حلف نه کڻندڙ جج، سُٺو ڪردار رکندڙ ڪجهه بزرگ سياستدان ۽ اعليٰ پائي جا پروفيسر وغيره شامل هجن.

سوال اهو آهي ته ڊائلاگ ۾ڪير شريڪ ٿئي؟  ظاهر آهي ته هن ڊائلاگ ۾حڪومت، اپوزيشن، فوج ۽ عدليه کي شامل ٿيڻ گهرجي، اهو ڊائلاگ آئين جي بنيادي ڍانچي جي دائري اندر هجڻ گهرجي، ان جا چار هدف هئڻ گهرجن.

.1 موجوده سياسي بحران جو تُرت حل، چونڊ سڌارن ۽ نئين چونڊن لاءِ وقت جو تعين.

.2 هر اداري جي ڪردار کي آئين ۾مخصوص ڪيل ڪردار تائين محدود ڪرڻ لاءِ رولزم آف گيم ٺاهڻ.

.3 احتساب جي اهڙي نظام جي جوڙجڪ ڪجي جيڪو سڀني جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ڪري.

.4 ظاهر آهي ته اها تجويز نه آخري آهي، نه ان جو ڪو بندوبست ڪندڙ فورم آهي ۽ نه ئي ان جو مينڊيٽ آهي. اهو مون جهڙي سياست جي هڪ ادنيٰ شاگرد جي راءِ آهي. ان ۾هر حوالي سان گهاٽي واڌي ٿي سگهي ٿي پر وقت اچي ويو آهي ته رياست کي خانه جنگيءَ کان بچائڻ لاءِ ڊائلاگ جو بندوبست ڪيو وڃي.

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.