”مريم نواز جو اصلي ٺڪاڻو جيل آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز جو اصلي ٺڪاڻو جيل آهي، هاڻ عدالت فيصلو ڪندي ته مريم نواز کي ڪڏهن اصلي گهر موڪلڻو آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم نواز روز چئي ٿي حڪومت وڃڻ واري آهي، حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي پر مريم نواز ضمانت تي آهي، مريم نواز ضمانت خارج ٿيڻ کانپوءِ جيل وڃي رهي آهي.

هن چيو ته مريم نواز ضمانت جو ناجائز فائدو وٺي گهٽي گهٽي وڃي رهي آهي، کيس گهرجي ته آرام ۽ سڪون واري هنڌ وڃڻ جي تياري ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.