ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري جو اهم پيغام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي.

ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ڏينهن نوجوانن جو ڏينهن آهي، جيڪي ان سرزمين جي عظيم ثقافت ۽ تهذيب جا وارث ۽ امين آهن.

هن زور ڏنو ته اهو ڏينهن مهراڻ وادي جي موسيقي ۽ رقص جهڙي قديم فن سان گڏوگڏ لذيز کاڌن ۾ نواڻ آڻڻ جو سبب بڻيو آهي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي دنيا مان به سکڻ جي ضرورت آهي ته انهن اهڙي سرگرمين کي پنهنجي معاشرتي ۽ معاشي اوسر لاءِ پليٽ فارم ڪيئن بڻايو.

بلاول ڀٽو زرداري اهڙي قسم جي سرگرمين کي گڏيل قومن طرفان ملهائجندڙن ڏينهن جيان هر سال هڪ نئين نعري يا ٿيم سان جوڙڻ جي به تجويز ڏني.

سندس چوڻ هو ته مختلف ثقافتن، مذهبن، رنگ ۽ نسل جي ماڻهن جو رواداري ۽ امن سان جيئڻ جو نالو جديد دور آهي.

پ پ چيئرمين سنڌ سميت چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام توڙي سڄي دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙ پاڪستانين کي دلي طور مبارڪون پيش ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.