عوامي آواز جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ تقريبون

عوامي آواز پاران ڏنل سڏ جي موٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي ڏهاڙِي جي حوالي سان ريليون ڪڍي تقريبون ڪوٺايو ويون ، قمبر ۾ سجاڳ فورم طرفان بخاري حال جي اڱڻ تي سيد مجاهد حسين شاهه ،سيد اخلاق احمد شاهه جي ميزباني هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي ڌرين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي صوفي راڳي سيد وزير علي شاهه ساٿين سميت صوفي ڪلام ڳائي مچ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا قمبر جي نالي وارن سگهڙن علي محمد بروهي،گل شير مغيري نئي ٽيهي جي نوجوان شاعر عامر علي تنيو ڏور بيت ۽ شاعري چئي خوب داد ماڻيو،ان موقعي تي ڪاڪا محمد علي چانديو،ڪامريڊ نظير تنيو،شبير جان ميرجت،ارشاد حسين ڀٽو،فداحسين گوپانگ،قمبريوٿ فورم جي ڪامريڊ اياز ٻرڙو مهتاب احمد شيخ  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. غوثپورشھر جي انڊس ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت فورم پاران مشاعرو ڪرايو ويو، انڊس ٽيڪنيڪل ووڪيشنل سينٽر جي پرنسيپال نويد احمد بجاراڻي پاران علائقي جي نامور شاعرن اديبن ۽ سگھڙن، سيد زاھد حسين شاھ.،سيد سرفراز احمد شاھ، ۽ ٻين پنھنجي نڪور شاعري وسيلي سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا  پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو۔ مختلف ٽيبلوز ۔ تقريرون ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا۔ ان موقعي تي  تقريب ۾ آيل شاعرن ۽ سگھڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جو ورثو آھن۔ ٽنڊو آدم ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي بابت جاڳرتا لاء ريليون ڪڍيون ويون ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون  هڻي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيو، ان سلسلي ۾ سٽي هائير سيڪنڊري اسڪول پاران ڊي ايس پي مير لياقت ٽالپر ، ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز ۔ اسڪول اونر مرزا اشفاق بيگ ، دلدار غوري جڏهن ته آل هندو ڪڇي اتحاد پاران ڊاڪٽرامرشي ڪڇي ۽ لکو مل جي اڳواڻي ۾ نوجوانن اجرڪ ۽ ٽوپي پائي ڌار ڌار ريليون ڪڍيون جيڪي مختلف رستن کان ٿينديون پريس ڪلب پهتيون،  ان موقعي تي سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون ويون ۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 6 ڊسمبر جو ڏهاڙو اسان جي قومي عيد جو ڏينهن آهي ۔ سنڌ پيار ۽ محبت جي ڌرتي آھي اجرڪ ، ٽوپي ۽ پٽڪو اسان جي ثقافتي سڃاڻپ آھي ، مڪلي ۾ خشڪ برادري پاران سردار حاجي اشرف خشڪ، حاجي اسد خشڪ، غلام سرور خشڪ، سينيئر احمد خان خشڪ، عبدالرشيد، رئيس عبداللہ خشڪ، عبدالرحمان خشڪ، محمد صادق، ڪامريڊ گل محمد نبن خشڪ،  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي سردار حاجي اشرف خشڪ ۽ ٻين ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ورجائيندي چيو تہ پنھنجي ڌرتي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء ھي ميلا مچائيندا آھيون، ميرپورخاص  ۾راڳ رنگ  جي محفل ۽ مچ ڪچھري سميت مختلف پروگرام.پيش ڪيا ويا جتي مقررين   عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ناصر خٽڪ  کي سنڌ سان نڀائڻ تي مبارڪون ڏنيون ،ان موقعي تي . ڪوري ڳوٺ م مچ.ڪچھري م سنڌ.جي ڀلوڙ فنڪارہ خشبو لغاري  ، مٽو ۽ ٻين سر وکيريا . کپرو ۾ ڊان ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ينگ سوشل ريفارمرس  کپرو پاران مين چوڪ تي ميڻ بتيون ٻاري سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ان موقعي تي لوڪ فنڪار ڄام سولنگي يڪتاري چپڙي تي ٿقافتي ۽ قومي گيت ڳائي ڀرپور داد ورتو ۽ سروڻ مٺو پاران هن جنم ۽ هن جنم کي مارواڙي ۾ ڳائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي جڏهن تـ اسڪول جي بارڙن قومي گيتن تي ڊانڊيا ڊانس پيش ڪري داد ورتو ان موقعي تي ينگ سوشل ريفارمرس کپرو جي اڳواڻ ، معصوم مصطفا ڪنڀر، منصور ڪنڀر .غلام الله گُل. مهراڻ ڪُنڀر ۽ محمد جمن ڪنڀر ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ ثقافتي ڏهاڙو اسان جي لاء قومي عيد جيان آهي ، ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ مڱريو واهي ۾ ايڪتا جي حوالي سان موسيقي جي محفل ڪرائي وئي جنهن ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون ، ان موقعي تي ڪامريڊ لياقت ديشي ، عبدالجبارسومرو ، صدرالدين سومرو ، همٿ علي سومرو شاعر امير علي سومرو ، عثمان سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،ان موقعي ڪامريڊ لياقت ديشي ، شاعر امير علي سومرو ، مولائي عثمان سومرو ، منٺارسومرو ، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي 6 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائيندا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.