ثقافتي ڏهاڙو: نارين جي سمنڊ ڪناري ريلي، ثقافت سان محبت جو اظهار

 

ڪراچي (رپورٽ: عارف نائچ) ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ناريون به ڪنهن کان پوئتي نه رهيون ۽ ثقافت سان محبت جي اظهار لاءِ انهن سي ويو کان دو دريا تائين ريلي ڪڍي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ نارين شرڪت ڪئي.

ثقافتي ريلي مشهور ٽڪ ٽاڪرز اقصيٰ ڪينجهر جمالي، عائشه ڏاهري، عليشا ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ نارين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ نارين ثقافتي ڏهارو عيد جيان ڀرپور نموني ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته قومي عيد ۾ مردن سان گڏ عورتون به حصو وٺنديون، اسان ڪورونا ايس او پيز تي به عمل ڪري رهيا آهيون.

سندن چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙو سڀني کي ملهائڻ گهرجي سنڌ اسان جي امڙ آهي ۽ ان سان پيار ڪيون ٿا، هي ڏينهن اسان عيد جي ڏينهن وانگر ملهائيندا آهيون،  اها ريلي اسان گذريل سال به ڪڍي هئي ۽ اڳتي به ڪڍندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.