حيدرآباد ۾ بلڊر طرفان ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش، احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) پورهيت مزاحمت حيدرآباد طرفان قديمي ڳوٺ لکمڻ ڪولهي کي بلڊر مافيا طرفان ڊاهي ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جي ڪوشش  خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ متاثر ڳوٺاڻا پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي مهراڻ ميمڻ، دانش گوپانگ، ڏيوو ڪولهي ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد جي قديمي ڳوٺ لکمڻ ڪولهي ۾ڏهاڙي تي ڪمائي گذارو ڪندڙ مزدور رهن ٿا، جيڪي آس پاس وٽ موجود زرعي زمين تي ڪم پڻ ڪندا هئا. هنن چيو ته بلڊر مافيا پهرين زرعي زمينون خريد ڪري هنن کان روزگار کسيو ۽ هاڻ وري بلڊر مافيا مختيارڪار سميت عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڳوٺ لکمڻ ڪولهي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي نوٽيس موڪلي رهيا آهن. هنن چيو ته ڳوٺ سرڪاري زمين تي موجود آهي، جنهن جي سٽي سروي کان ويندي منظور ٿيل نقشي تائين سمورا ڪاغذ موجود آهن، تنهن باوجود ڳوٺاڻن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن توڙي لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڳوٺ لکمڻ ڪولهي جي رهواسين سان انصاف ڪري ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.