پوليس تشدد ۾ مارجي ويل نينگر جا قاتل آزاد، لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ۾ 5 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل 13 سالن جي نينگر شاگرد غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ وارثن ۽ پي پي پي شهيد ڀٽو طرفان  ڳوٺ عرضي ڀٽو کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي فوتي نينگر جي چاچي علي ڏنو ڀٽو ۽ مامي گلزار پي پي پي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن برڪت علي ميراڻي، شفيع محمد ڀٽو، محمد رمضان رند، غلام مير بروهي، لالو سرهيو سميت ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل 2 سال مئي جي ڏينهن ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ڀائيٽو غلام مصطفيٰ پنهنجي ماروٽ نادر سان گڏجي شام ڌاري پاڙي راند کيڏي رهيو هو جنهن کي حيدري ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو لٺيون هڻي تشدد جو نشانو بڻائي سخت کيس مٿي ۾ ڌڪ هنيا جيڪو زخمي ٿيڻ بعد تڙپي تڙپي فوت ٿيو اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ اسين علي گوهر آباد ٿاڻي تي وياسين پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي نيٺ مجبور ٿي اسين عدالت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل هئي ان بعد 10 مئي تي منهنجي فرياد تي پوليس اهلڪارن ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو مٿان اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿي ان وقت ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ٻنهي اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو جيڪي هن وقت آزاد آهن جڏهن ته ٻه مهينا اڳ غلام مصطفيٰ جي قبرڪشائي 22 سيپٽمبر تي ٿي هئي جنهن جي رپورٽ 12 نومبر تي جاري ڪئي وئي ان رپورٽ ۾ تشدد جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ڊاڪٽرن رفيق شيخ، امان الله شيخ، شمشاد کوسو ۽ محمد هاشم ٻگهيو صرف اِهو لکيو آهي ته غلام مصطفيٰ کي ڪو به زهر ڏنل نه هو جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر ۽ پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته ڀائيٽي جو خون رائيگان ويندو جڏهن ته ايس ايس پي مسعود بنگش کي اهڙي دانهن ڏني جيڪو به مدد لاءِ تيار ڪونهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سمورن اهڪارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.