انتظاميا جو پي ڊي ايم کي مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) مدثر رياض پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) کي لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر لاهور جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم کي 13 ڊسمبر تي جلسي جي اجازت نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته مينار پاڪستان تاريخي مقام آهي اُتي جلسي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون جڏهن ته ڪورونا پکڙجي رهيو آهي، اهڙين حالن ۾ جلسي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

ڊي سي لاهور جو چوڻ هو ته سياري ۽ سموگ سبب به ڪورونا جي وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، عوام جي لاپرواهي سبب فوتگين ۾ واڌ جو خطرو آهي، ڪالا شاهه ڪاڪو ۽ ايڪسپو سينٽر جي آئسوليشن کي ٻيهرآپريشنل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪورونا جي ٻي لهر وڌيڪ خطرناڪ آهي، ضابطي ڪار (ايس او پيز) تي عمل نه ٿيو ته لاڪ ڊائون جو فيصلو ٿي سگهي ٿو.

ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبرن جي نظربندي جا ڪي به حڪم ناهن مليا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.