عادلپور ويجھو ڌاماجي لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، زخمين ۾ نينگر فرمان علي شيخ ، ڪامران علي شيخ ۽ جاويد علي ڪوري شامل هئا جن کي فوري طور تي ايمبولينس ذريعي پي پي ايڇ آء اسپتال عادلپور پھچايو ويو ، جتي عملي ۽ سھولتن جي کوٽ سبب زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گھوٽڪي اسپتال منتقل ويو جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،