ڄامشورو : نوجوانن پاران مختلف گاڏين کي سينگاري ثقافتي ريلي ڪڍي وئي

ڄامشورو ۾ نوجوانن پاران ڪارين ،جيپن ۽ ويگو سميت مختلف گاڏين کي سينگاري ثقافتي ريلي ڪڍي وئي

جيڪا شهر جي مختلف علائقن جو گشت  ڪندي رهي ، جنهن دوران نوجوانن پاران جيئي سنڌ ۽ سنڌي ثقافت زنده آباد جا نعرا هنيا ويا، نوجوانن  فيضان ڀلائي , امروز پٺاڻ ,  ميهر ڏاهاڻي ,  اياز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گاڏين کي اجرڪن سان سينگاري ڄامشورو ڦاٽڪ کان شاندار ريلي ڪڍي جنهن ڀريا وليج , سنڌ يونيورسٽي , مهراڻ يونيورسٽي ,  لمس يونيورسٽي , سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۽ ڄامشورو فلاء اوور جو گشت ڪيو ، ان موقعي تي نوجوانن جو چوڻ هيو سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جو ڪلچر هزارين سال پراڻو آهي  جنهن تي انهن کي فخر آهي ,  هنن چيو ته سنڌي ميڊيا جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جن هي ڏينهن ملهائڻ جي روايت کي ٻيهر اجاگر ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.