”هڪ اخبار نيب بابت سپريم ڪورٽ جي خبر کي غلط هلايو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب جي حوالي خبر کي هڪ اخبار غلط هلايو.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته گذريل ڏينهن نيب جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي خبر کي غلط ڪري هلايو ويو، غلط خبر جي هلڻ سان عدليه جي اداري تي ڳالهيون ٿيون اچن.

جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار جي خلاف 90-90 ڏينهن جي هر هر ريمانڊ وٺڻ کي ظلم چيو هو، پر هڪ اخبار رڳو 90 جي ڏينهن جي ريمانڊ کي ظلم چئي ڇڏيو، عدالت قانون جي اجازت کي ظلم ڪيئن ٿو چئي سگهي، هاڻ سمورا ادارا ان خبر کي ٻيهر هلائن.

جسٽس مظاهر علي اڪبر جو چوڻ هو ته منهنجي حوالي سان غلط خبر هلائي وئي، فوجداري ڪيسن ۾ 14 ڏينهن کان وڌيڪ جو ريمانڊ ته ٿي نٿو سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.