اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، لکت ۾ حڪم نامو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيندي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ 3-3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم ناما جاري ڪيا.

 حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي عدالت پيش جو هر هر موقعو ڏنو ويو پر هو ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي جو حصو نه پيو بڻي.

حڪم نامي موجب نواز شريف کي عدالتي طلبي ۽ ڪيس ۾ پيشي جي خبر آهي، هو پرڏيهه ويو ۽ واپس نه پيو اچي، نوٽيس، گرفتاري وارنٽ ۽ اشتهارن جي باوجود پيش نه ٿيو جڏهن ته هن جي عدالت حاضري لاءِ اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي خلاف ضابطه فوجداري جي قلم 87 تحت ڪارروائي مڪمل آهي ان ڪري اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي ۽ هن جي ضامنن جي خلاف 514 جي تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

عدالت حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ضمانت تي آزادي لاءِ ضامنن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي 9 ڊسمبر تي نواز شريف جا ضامن پيش ٿي ٻڌائن ته ڇو نه هنن جي خلاف ڪارروائي ۽ ضمانتي مچلڪا ضبط ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.