نئون ڪوٽ: اسپتال عملي تي تشدد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

نئون ڪوٽ رورل ھيلٿ سينٽر جي عملي تي تشدد واري واقعي جي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي رمضان ڪورائي  ۽ سندس پٽ مٿان ڊيوٽي  اٽڪاء جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا بـ گرفتاري نـ ٿيڻ خلاف ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل  اسٽاف پاران آر ايڇ سي نئون ڪوٽ جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو  ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر زيب النساء ڪولاچي ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالھائيندي  چيو تـ  اسپتال ۾ انهن کي ڪو به تحفظ ناهي، هو  غير محفوظ  حالتن ۾ ڊيوٽي  نٿا ڪري سگهن

سندس چوڻ  هو ته گذريل ڏينھن پيش آيل واقعي جا جوابدار فوري طور تي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.