نوابشاهه: ايس ٽي پي جي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف احتجاجي ريلي

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع شهيد بينظير آباد جي اڳواڻن صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح، رستم شاهه، شاهنواز ڪيريو، ٻُڍل مگسي، وقار ملاح ۽ زاهد وسطڙو جي گرفتارين ۽ کين ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف  ايس ٽي پي ناري تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي  وئي، ان موقعي تي انيلا رفيق ملاح، جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي، معيز جمالي، فرحان کوسو، پ پ ش ڀ اڳواڻن ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، ارشاد مغيري ۽ ٻين چيو ته موجوده حڪومتون سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن جي غير قانوني والار خلاف پُر امن احتجاج ڪندڙ ۽ پُر امن هڙتال ڪندڙ ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻن کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو جيڪو  مذمت جوڳو عمل آهي .هنن مطالبو ڪيو ته بنا ڏوهه جي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل موڪليل ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تان ڪيس ختم ڪري با عزت بري ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ پر امن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.