اسلام ڪوٽ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي کانپوءِ سمارٽ لاڪ ڊائون شروع

اسلام ڪوٽ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي کانپوءِ سمارٽ لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويو،تعلقي جي انتظاميا پاران ڪورونا وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ شهر جو دورو ڪري دڪاندارن کي ماسڪ پائڻ سميت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون ،اُن موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سميع الله سنجراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻُڌايو ته سمارٽ لاڪ ڊائون دوران صرف ميڊيڪل اسٽور،سبزي،ريزڪي،کير جا دڪان کليل رهندا ،باقي ڪپڙي،جنرل اسٽور سميت باقي دڪان بند ڪيا ويا آهن ،شهر اندر پوليس گشت سڄو ڏينهن جاري رکيو ويو آهي ،انهن جي ڪوشش اِها آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ وبا کان بچڻ لاءِ احتياط ڪرڻ جي جاڳرتا ڏين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.