وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي جي ترقي بابت اجلاس، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي شرڪت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ صفائي لاءِ نئين مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صفائي جو هو پاڻ جائزو وٺندو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ شهر ۾ جاري ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وفاقي وزير اسد عمر ۽ ٻيا موجود هئا.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم صحيح نموني سان ٿي رهيو آهي پر شهر اندر انهن علائقن مان گندڪچرو کڻي صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي بنا ڪنهن رنڊنڪن جي ڇڏيو ويو آهي.

هن چيو ته جن به گهٽين ۾ گند يا ٽٽل ڦٽل نظام سبب گٽر وهي رهيا آهن انهن جي بحالي ۽ مرمت ڪئي وڃي ۽ وڌيڪ چيو ته نئين صفائي مهم ۾ ٻهارو ڏيڻ، گندڪچرو کڻڻ، گندن علائقن کي ڌوئڻ ۽ نيڪال واري نظام جي مرمت شامل آهي.

وڏي وزير بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته ان ڪم کي تيز ڪيو وڃي جنهن لاءِ ناڻي وارو کاتو وڌيڪ فنڊز جاري ڪندو. غني چورنگي کان حب ندي تائين براستو جي سي ٽي ڪاليج روڊ تائين مرڪزي ٽريڪ جي نئين سِر تعمير جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته اهو 201.808 ملين رپين جي لاڳت کان شروع ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ هيستائين 25.226 ملين رپيا جاري ڪيا ويا.

مڪاني کاتي واري وزير چيو ته منصوبي جو 25 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ڪم کي تيز ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فنڊ گهربل آهن.

سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير ٽينڊر کولڻ ۾ دير ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلديات واري وزير کي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي به هدايت ڪئي ته برنس روڊ جي چوڌاري سمورا روڊ تعمير ڪيا وڃن ۽ ان کي هڪ خوبصورت علائقو بڻايو وڃي.

هن چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هوءَ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر ڀرپاسي جي روڊن جو تفصيلي منصوبو پيش ڪري ته جيئن ايندڙ ٽن هفتن ۾ انهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي.

وڏي وزير ڊي جي پي پي پي يونٽ خالد شيخ کي هدايت ڪئي ته آءِ سي آءِ پل جي نئين سِر تعمير بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي جنهن تي سمنڊ سان گڏ هڪ الڳ روڊ ٺاهيو ويندو.

هن چيو ته مان تفصيلي ڊزائن ڏسڻ چاهيان ٿو جيڪو هن جي حتمي منظوريءَ لاءِ تيار ڪيو ويو هجي. وڏي وزير پي پي پي ينٽ کي هدايت ڪئي ته 27.8 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح جلد ڪيو وڃي.

هن چيو ته شهر اندر ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽائڻ لاءِ اهو روڊ اهم آهي تنهنڪري آئون ايندڙ مهيني ان جي بنياد رکڻ چاهيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.