حيدرآباد ۾ پيرسن ۽ نوجوان جا لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ پيرسن ۽ نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ٻئي لاش مرده خاني ۾ رکرايا ويا آهن.  حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد مان 65 ورهين جي پيرسن شخص جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن بابت پوليس جو موقف آهي ته پيرسن شخص پينو فقير آهي، جنهن کي ساهه جي تڪليف ٻڌائي پئي وڃي، لاش سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي. هوڏانهن حالي ٿاڻي جي حد مان 35 ورهين جي نوجوان جو لاش مليو آهي، جنهن وٽان ننڊ جو گوريون مليون آهن. ، لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جنهن جو لاش پڻ مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.