لاڙڪاڻي مان مليل لاش وارو واقعو قتل قرار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام واري علائقي جي گهٽي مان نوجوان وقار جانوري جو لاش هٿ آيو هو  جنهن واقعي کي وارثن قتل جو واقعو قرار ڏيندي معاملي جي شفاف جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي جي رهواسين پاران مبينا قتل ٿي ويل نوجوان وقار جانوري جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان جي چاچي سڄڻ جانوري پنهنجي ڀائيٽن ۽ ٻين وارثن سان گڏجي دانهيو ته گذريل پھري ڊسمبر جي صبح 7 وڳي ڀائيٽو وقار جانوري پنهنجي دوستن ڪرمان باغ پاڙي جي رهواسي وقاص مغيري ۽ ٽئنڪ چونڪ جي رهواسي اورنگزيب لغاري سان ملڻ جو چئي گهران نڪتو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان بعد سندس جو لاش گهٽي مان هٿ آيو. هن الزام لڳايو ته وقار کي سندس دوستن وقاص ۽ اورنگزيب گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.  جن سندس جي موٽر سائيڪل شهر جي باقراڻي روڊ تي قائم هڪ شوروم واري کي وڪرو ڪري ڏني اسان طرفان اين سي داخل ڪرائڻ تي پوليس وقاص مغيري کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن کي پوليس لاڪپ ۾ مهمانن جيان ترسائي ٻئي جوابدار اورنگزيب کي گرفتار نه پئي ڪري جنهن ڪري ڀائيٽي جو قتل ڳجهارت بڻيل آهي خدشو آهي ته جوابدار پوليس کي ڳري رشوت ڏئي ڀائيٽي جو خون لوڙهي ڇڏيندا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته وقار جانوري جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.