اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان معذور ماڻهن لاءِ 2 هزار رپيا ماهوار وظيفي جو اعلان ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته خاص ماڻهن کي ماهوار 2 هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو، اِهو معذور ماڻهن جي بهتري ڏانهن هڪ اهم قدم آهي، مخصوص ماڻهن جي لاءِ نئين حساس ڪفالت پاليسي سان ٻه ملين خاندان فائدو کڻي سگهندا.