جماعت اسلامي اِن هائوس تبديلي جي حمايت ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اِن هائوس تبديلي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت عددي برتري وڃائي ٿي ويهي ته پوءِ هنن کي حڪومت جو ڪو به حق ناهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته اِن هائوس تبديلي اسان جي سياسي جو حصو آهي، تحريڪ انصاف جا نمبر گهٽ آهن جيڪڏهن حڪومت عددي برتري وڃائي ٿي ويهي ته هن کي حڪومت جو ڪو به حق ناه .

سراج الحق جو چوڻ هو ته حڪومت جلسا روڪي پنهنجي ڪمزوري پئي ظاهر ڪري، جلسا ڪرڻ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جو آئيني حق آهي، حڪومت ملتان ۾ گرفتار سياسي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪري.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي جيڪا گرائونڊ بدران رڳو ٽي وي ۽ اخبارن ۾ نظر ايندي آهي، هي پهرين سونامي هئي، پوءِ ناڪامي ٿي ۽ هاڻ بدنامي ٿي وئي آهي.

جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته اسان جو مطالبو فرد جي تبديلي نه پر نظام جي تبديلي آهي، اُهي ئي چهرا حڪومت ۾ آهن جيڪي مخالف ڌر ۾ به ڪڏهن رهيا، پي ڊي ايم ۽ حڪومت ۾ اختلاف رڳو اقتدار جو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.