قمبر۾ معذورن پاران ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

قمبر ۾ معذورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڀٽائي ڊس ايبل سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن طرفان معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون نه ڏيڻ خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ڊس ايبل تنظيم تعلقي جي چيئرمين اعجازعلي بروهي،انور علي هڪڙو،محمد حسن سومرو،قربان علي ڪٽوهر،مير حسن دايو،ياسين کنڊ،ذوالفقار تنيو،غلام عباس راهوجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت معذورن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي انهن جي ڪوٽا تي عمل نه ٿي ڪري جنهن ڪري هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،هنن وڌيڪ چيو ته انهن جي لکيل پڙهيل بيروزگار نوجوانن کي نوڪري ڏنيون وڃن ۽ اڻپڙهيل معذورن کي پاڪستان بيت المال، عشر زڪوات ۽ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ کان ماهوار وظيفو ڏياريو وڃي،،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.