جيئي سنڌ محاذ جو سيوهڻ ۾ مقامين کي روزگار نه ملڻ جي صورت ۾ ڌرڻي جو اعلان

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ سيوهڻ واسين وٽ پهچي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن مقامي ماڻهن کي روزگار نه مليو ته متاثرن سان گڏجي سيوهڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين، سيوهڻ تعلقي ۾ ڪم ڪندڙ تيل ۽ گئس ڪمپني انتظاميه جي زيادتين خلاف مري برادري جي ماڻهن 10هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال جاري رکي جنهن تي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي قيادت چيئرمين رياض چانڊيو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي، عزيزالله ڀٽو، عابد حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پهچي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاهه ڀاڏائي جو چوڻ هو ته اي اين آئي ڪمپني مقامي ماڻهن سان رويو درست نه ڪيو ته سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين … ايس او ٽي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.