سڄي سنڌ ۾ پي آءِ اي جون آفيسون بند، آفيسرن جي وڏي انگ جي اسلام آباد بدلي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آفيسرن جي سڀ کان وڏي انگ کي اوچتو ڪراچي کان اسلام آباد ٽرانسفر ڪيو ويو.

ذريعن موجب مارڪيٽنگ واري شعبي جي 450 آفيسرن کي 28 ڊسمبر تائين اسلام آباد منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ذريعن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ پي آءِ اي جون آفيسون بند ڪيون ويون آهن جڏهن ته سنڌ مان پهرين آفيسرن جو ڪراچي ٽرانسفر ڪيو ويو ۽ هاڻ ڪراچي مان آفيسرن کي اسلام آباد ٽرانسفر ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ آهي جڏهن ته مارڪيٽنگ جي شعبي جو وڏو حصو اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اوچتو ٽرانسفر جا حڪم ملڻ تي آفيسر سخت بيچيني ۽ مايوسي جو شڪار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.