ڪورونا خلاف ويڪسين جي منظوري ڏيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا دنيا ۾ اهڙو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن فائزر، بائيو اينڊ ٽيڪ جي ڪورونا وائرس خلاف تيار ڪيل ويڪسين جي استعمال جي باقاعدي طور منظوري ڏئي ڇڏي.

برطانيا جي صحت واري وزير خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ايندڙ هفتي کان ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.

ڪورونا وائرس خلاف اها ويڪسين هڪ جرمن ۽ آمريڪي ڪمپني گڏجي تيار ڪئي آهي، جنهن کي ڪووڊ 19 خلاف وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪجهه هفتا اڳ چيو ويو هو ته ڪورونا جي مريضن تي ان ويڪسين جا تجربا 95 سيڪڙو ڪامياب رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.