سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي هن مهيني سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ ٿڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جي ترجمان خالد ملڪ موجب ڊسمبر جي وچ ۾ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿيڻ جو امڪان آهي، سڄي سنڌ ۾ ڊسمبر دوران پارو گهٽ رهي سگهي ٿو، جنهن سان معمول کان وڌيڪ سيءُ ٿيندو.

هن ٻڌايو ته ڊسمبر ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جو به امڪان رهندو، 6 ۽ 7 ڊسمبر تي اولهه سسٽم ملڪ جي اترين حصي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، 10 ڊسمبر کانپوءِ اولهه سسٽم ملڪ جي ڏاکڻي حصي تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ان دوران سنڌ ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب ڊسمبر ۾ معمول جو سراسري پارو 12.7 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جڏهن ته ڊسمبر ۾ گهٽ ترين پاري جو رڪارڊ 14 ڊسمبر 1986 ۾ 1.3 سينٽي گريڊ رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.