نوابشاهه جسقم پاران شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي ملهائي وئي

نوابشاهه (ڊ ر) جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ جي امر شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي سخي ڄام ڏاتار جي شهر ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ورسي کي خطاب ڪندي جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي ۽ سڄڻ سنڌي چيو ته شهيد قومن جا هيرا هوندا آهن ۽ پنهنجن شهيدن کي ياد ڪرڻ زنده قوم هجڻ جو ثبوت آهي، شهيد تاريخ جا پير ٿيندا آهن سنڌ جي بقاءُ ۽ سلامتي خاطر هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ وطن جي ڳالهه ڪرڻ، حاڪمن، جابرن، ظالمن، سامراجين خلاف آواز بلند ڪرڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر آهي سنڌ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي ڪڏهن سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي والار هيٺ ڏيڻ لاءِ طاقت جو زور استعمال ڪيو پيو وڃي ته وري ڪڏهن سنڌ جا سمورا معدني وسيلا سنڌ کان ڦريا پيا وڃن ۽ انهن وسيلن تي پنجاب سامجراج عياشيون ڪري رهيو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ  هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن،  انهي موقعي تي گل ڏاهري، مصطفيٰ ڏاهري، منير ابڙو، عارف خاصخيلي، شريف ڌوئنرو، گل منگي، منظور منگي، شهيد جو فرزند سميع الله منگي، حيدر سنڌي، معشوق ڏاهري، معشوق منگي ۽ ٻين خطاب پڻ ڪيو .ٻئي طرف جسقم ضلعي نوابشاهه جي باڊي پاران ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي نوابشاهه ۾ هڙتال دوران نوابشاهه جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايس ٽي پي اڳواڻن تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ انهن جي ضمانت رد ٿيڻ خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا نوابشاهه ۾ پوليس حڪمرانن جي ونگاري بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.