سچل ڳوٺ ۾ مقصودي جوکئي جي سالگره تقريب

گلشن اقبال (ن ع آ) سچل ڳوٺ ۾ ڌاٻيجي پريس ڪلب جي صدر مقصود جوکيو جي سالگرهه جي موقع تي رهاڻ ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي مختلف سياسي،سماجي ڌرين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مقصود جوکيو پنهنجي قلم ذريعي مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو آهي سچ جي  صحافتي سفر ۾ ثابت قدمي تي کيس جس ڏيون ٿا ضياء ابڙو چيو ته تاريخ دان مبارڪ علي چيو آهي هن ملڪ اندر سنڌي صحافت جو معيار سڀ کان اعلي آهي نئين ٽهي جا نوجوان صحافي بغير ڪنهن پرواهه جي صحافتي ڪم ڪري رهيا آهن غوث ٻگهيو چيو ته مقصود جوکيو هڪ قومي سوڇ رکندڙ صحافي آهي سليمان آگري چيو ته سنڌي صحافت مزاحمتي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي سچل وڌو چيو ته مقصود هڪ قومي سوڇ رکندڙ قلم ڪار آهي.  وهاب سومرو چيو ته جيڪڏهن سنڌي صحافت سنڌ اندر نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن معشوق منگي چيو ته اهو قلم عظيم آهي جيڪو وڪرو نه ٿو ٿئي ارشد عباسي چيو ته مقصود هڪ مهمان نواز ماڻهو آهي. ۽ سنڌ جي قدرن جو امين صحافي آهي ان موقعي تي نثار ابڙو،عطاالله عباسي،شبير احمد عباسي،خليل راڄپر،نويد آگرو،محمد بن قاسم ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ مقصود جوکيي کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.