ٿرڪول رٿا ماحول دشمن قرار، مزاحمتي جدوجهد جو اعلان

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ٿر جي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ”راڄوڻي ڪٺ” ۽ ڪوئلي جي کوٽائي سبب پئدا ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان اڀياسي رپورٽ جي سنڌي ترجمي جو افتتاح ڪيو ويو آهي،اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ افتتاحي تقريب ۾ پي ايف ايف جي چيئرمين محمد علي شاھ،بيبي ياسمين شاھ،اسلم ملاح ۽ سول سوسائٽي جي ٻين نمائندن شرڪت ڪئي،پي ايف ايف پاران سينٽر فار ريسرچ آن انرجي اينڊ ڪلين ايئر(ڪريا) جي ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن سبب پئدا ٿيندڙ ماحولياتي آلودگي بابت اڀياسي رپورٽ تي ٻڌل سنڌي ۾ ڪتابچو شايع ڪيو ويو، راڄوڻي ڪٺ جي وضاحت ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهھ چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي منصوبن سبب مقامي رهواسين کي لڏپلاڻ،زرعي زمينن،آمدني جي خاتمي،پاڻي جو بحران ۽ فضائي آلودگي جهڙا خطرناڪ مسئلا درپيش آهن،انهن مسئلن جي حل لاءِ عوام پاران پيپلزٽربيونل يا راڄوڻي ڪٺ جوڙيو ويو آهي،جنهن هيٺ ٿرين پاران کين پهچندڙ نقصانن بابت شاهديون پيش ڪيون وينديون ۽ نقصان پهچائيندڙن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو،هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪوئلي جي منصوبن بدران شمسي توانائي ۽ ونڊ اينرجي جهڙي قابل تجديد توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏي، ٻي صورت ۾ عوامي ايڪشن جي ذريعي ڪول مائننگ ۽ ڪول پاور پلانٽس جي خلاف  ملڪي ۽ عالمي سطح تي جدوجهد ڪئي ويندي،ڪريا جي بنيادي تجزيه نگار لوري ميليورٽا پاران ڪيل اڀياس متعلق محمد علي شاھ ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۽ بجلي گهرن جي منصوبن مان خارج ٿيندڙ هاڃيڪار دز ۽ ٻين ڪيميائي مادن سان فضائي آلودگي ۽ انساني صحت جا سنجيده مسئلا پيدا ٿيندا،اڀياس موجب ڪوئلي جي انهن منصوبن جي 30 سالن جي مدت ۾  پيدا ٿيندڙ فضائي آلودگي سان 29 هزار موت،دم جي بيماري جي ڪري اسپتالن جا 40 هزار ايمرجنسي دورا، ٻارڙن ۾ دم جي بيماري جا لڳ ڀڳ 20 هزار نوان ڪيس،32 هزار وقت کان اڳ پيدائشون،بيماري سبب ڪم تان موڪلن جي مد ۾ ضايع ٿيندڙ 20 ملين ڏهاڙا ۽ پلمونري بندش جا سنجيده مرض،ضيابطيس ۽ دورن سبب پيدا ٿيندڙ معذوري جهڙا سنجيده خطرا جنم وٺندا، رپورٽ مطابق فضائي آلودگي جي اعتبار سان پاڪستان جو شمار اڳ ئي دنيا جي سرفهرست آلوده ملڪن ۾ ٿيندو آهي. ٿر ۾ ڪوئلي جي وڏي انگ ۾ منصوبن سان پاڪستان ۾ فضائي آلودگي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٿر ۾ ڪوئلي جي منصوبن سان خارج ٿيندڙ پارو(مرڪري) ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جهڙن زهريلي ڪيميائي مادن جو ڏکڻ ايشيا سطح تي وڏا هاٽ اسپاٽ پيدا ٿيندا، اسين هنن مطالبن تان ڪڏهن به هٿ نه کڻنداسين،اسان کي ڪا به پروجيڪٽ نه ٿو کپي،اسين پنهنجي عوام جي مسئلن بابت ڪا به ڪمپرومائيز نه ٿا ڪري سگهون،انهي ڪري اسان عوامي عدالتون ڪوٺائڻ جو سلسلوشروع ڪيو آهي.

سمورن بلاڪن ۾ راڄوڻي ڪٺ منعقد ڪري شاهديون اعليٰ عدالتن ۾ موڪليون وينديون

مٺي:پي ايف ايف پاران ٿرڪول جي سمورن بلاڪن ۾ راڄوڻي ڪٺ منعقد ڪري مقامي ڳوٺاڻن جون شاهديون گڏ ڪرڻ بعد اُنهي کي فائيل جي صورت ۾ سيڙهي سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بينچ، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت سميت سيشن ڪورٽ مٺي کي موڪليو وينديون،هڪ فائيل يو اين اي کي به موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسان کي هاڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو: ڄامن ميگهواڙ

مٺي:راڄوڻي ڪٺ دوران ڳالهائيندي ڄامن ميگهواڙ چيو ته اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو،بلاڪ ٽو جي رهواسي عبدالعزيز هاليپوٽو چيو ته اسان سان ڪمپنين وڏيون زيادتيون ڪيون آهن،منهنجي راءِ اِها آهي ته هاڻي نعرو هڻڻو پوندو ته هي ڪوئلو اسان کي نه کپي،نيو سنهري درس کي هڪ هڪ گهر جڳاڙي ٺاهي ڏنو،انهن وٽ ڪا به سهوليت ناهي،بلاڪ ون تي به زيادتيون هلن پيون،ڪوئلي عيوض فائدو ڪو به ناهي ٿيو،اسان جي ڪا مالڪي ناهي،اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ ناهيون، بلاڪ ون جي ڳوٺ کاريو غلام شاھ جي رهواسي نوجوان سورج جئپال ڳالهائيندي چيو ته بلاڪ ون تي ڪم شروع ٿيڻ سان اسان جا ڳوٺ گهيري ۾ اچي ويا آهن،ڪٿان به لنگھ رستو ناهي،ڪمپنيون چون ٿيون ته ٿر ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهو ناهن،اسان فائيل ٺاهي ڏنا آهن پوءِ به روزگار نه ٿو ڏنو وڃي،بلاڪ ٽو کان وڌيڪ بلاڪ ون خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي،اسان وري به احتجاج جي ڪال ڏيون ٿا،اڳ ۾ احتجاج ڪيو،ڊي سي مينگ رکي،ملاقات ٿي پر وري به ريسپانس ڪوئي ناهي مليو،ڏيارام ڀيل چيو ته اسان تي مٿان کان سياسي ماڻهن ڌٻائي رکيو آهي،اسان جا سياسي ماڻهو وڪامجي چڪا آهن، ٿرڪول بلاڪ پنج جي ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل جي رهواسي ننڌلال ڀيل چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ انڊر گرائونڊ گئسيفڪيشن پروجيڪٽ شروع ڪيو،اڄ ٻه سال گذري ويا آهن اُهو مڪمل بند پيو آهي،اربين رپين جي مشينري قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي،پروجيڪٽ ڪامياب هيو،پر ناڪام ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.