خيرپور: بااثرن جي زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش، فائرنگ ۾ نوجوان زخمي

خيرپور ويجھو بااثرن پاران زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن دوران فائرنگ ۾ ٻني تي ڪم ڪندڙ نوجوان زخمي ٿي پيو

ڳوٺ وساڻ آباد جي رهواسين عزيزالله شر، علي بخش، اقبال ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي زرعي زمين ٺري ميرواهه جي ديھه مانڊڻ ۾ آهي جنهن تي بااثرن غلام سرور، سومر شر، شهباز ڏنو شر ۽ هٿيارن جي زور تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ۽ زمين تي ڪم ڪندڙ محمد خان شر کي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هنن چيو ته پوليس چئن جوابدار کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته ٻيا  جوابدار آزاد گهمي رهيا آھن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن جن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.