خيرپور ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي آڙ ۾ گهر ڊاهڻ خلاف جسقم خيرپور پاران آل پارٽييز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي
خيرپور پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل اي پي سي جي صدارت جسقم جي سينئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر ڪئي جنهن ۾ جي يو آءِ، سني تحريڪ، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ جي آڙ ۾ انتظاميه غريبن کان اجها کسي رهي آهي ۽ بااثرن جي قبضن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، اي پي سي ۾ اٺ رڪني گهر بچايو ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن جا اڳواڻ ڊي سي خيرپور سان ملاقات ڪري غريبن سان ٿيندڙ ناجائزين بابت آگاهي رپورٽ پيش ڪندا ….