ڪورونا وبا سنڌ ۾ به زور وٺي وئي، هڪ ڏينهن ۾ 27 ڄڻا فوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جتي سڄي ملڪ ۾ وڌندي پئي وڃي، اتي ئي سنڌ ۾ به گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ 27 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب هڪ مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ 27 فوتگيون ٿيون، جنهن کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ وڌي 2962 ٿي ويو آهي.

وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 9752 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 1292 ڪيسن جي سڃاڻپ ٿي.

بيان موجب صوبي ۾ هيل تائين مجموعي طور 17564 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، انهن مان 87 سيڪڙو يعني 153642 مريض صحتياب ٿيا، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1043 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، گهرن ۾ وڌيڪ وقت گذاريو، ٻاهر نڪرندي وقت ماسڪ ضرور پهريو، وقفي وقفي سان هٿ ڌوئيندا رهو ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.