مٺي: ويم دوران فوت ٿيل عورت معاملي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي ۽ ڊاڪٽرن ۾ ڏند چڪ

ويم دوران فوت ٿيل عورت جي معاملي لاءِ ڪوٺايل انڪوائري ميٽنگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڊي سي ٿرپاڪر پاڻ ۾ وچڙي پيا.

سول اسپتال مٺي ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ڊليوري دوران فوت ٿيل عورت نرودا سونارو جي موت بابت انڪوائري لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص جي موجودگي ۾ طلب ڪيل ايم ايس ۽ ڊاڪٽرياڻين کي ڊي سي هٿ ڪڙيون هڻي جيل موڪلڻ وارا جملا استعمال ڪيا جنهن تي ميٽنگ جو ماحول خراب ٿي ويو. ڪمشنر ميرپورخاص وچ ۾ پئجي جهيڙو ٽاريو. تلخي بعد ايم ايس گل منير وسطڙو ۽ عملي توڙي ڊاڪٽرياڻين ڊي سي محمد نواز سوهو جي بداخلاقي خلاف احتجاج ڪري اسپتال ۾ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي. ڊي سي محمد نواز سوهو موجب ته مٺي سول اسپتال ۾ اميد واري عورت نرودا ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب فوت ٿي. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب روز لاش کڄن ٿا، اسپتال ڪٻاڙ خانو بڻيل آھي. ٻئي پاسي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي استعيفائون لکي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته ڊي سي محمد نواز سوهو کي ڪو حق ناهي ته هو اهڙي ٻولي استعمال ڪري ۽ ھٿڪڙيون هڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي، جيستائين ڊي سي خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين سڀاڻي کان سڄي ضلعي جون اسپتالون بند ڪنداسين ۽ بعد ۾ احتجاج جو دائرو سنڌ سطع تائين وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.