ڳڙهي ياسين: اچو ته سنڌ جا وسيلا بچايون جي سري هيٺ مچ ڪچهري

ڳڙهي ياسين ۾ اچو ته سنڌ جا وسيلا بچايون جي عنوان هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي

ڳڙهي ياسين پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل مچ ڪچهري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين مسرور احمد بجاراڻي، صحافي عبدالسلام انڙ، ارشاد چانڊيو، يار محمد بروهي سميت شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن کي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران صحافين کي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا،

ان موقعي تي مشهور فنڪاره انمول شهزادي سنڌي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو .. ايس بي ٽي

جڏهن ته صوفي فنڪار سليم رضا ڪمڀر صوفي ۽ ثقافتي گيت ڳائي ويٺل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.