ماهرا خان جو ڊسمبر مهيني لاءِ خاص پيغام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان هلندڙ سال جو آخري مهينو شروع ٿيڻ تي هڪ خاص پيغام جاري ڪيو آهي.

ماهرا خان هر سال 21 ڊسمبر تي پنهنجو جنم ڏينهن ملهائي آهي ۽ ان ئي حوالي سان هن انسٽاگرام تي پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ تصوير شيئر ڪندي هڪ ڪيپشن به لکيو آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس پنهنجي سالگرهه جو بي صبريءَ سان انتظار آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mahira Khan (@mahirahkhan)

اداڪارا پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته ”ڊيئر ڊسمبر، توهان کي خبر آهي ته منهنجا فيوريٽ آهيو، تنهن ڪري نااميد نه ڪجو“.

واضح رهي ته ماهرا خان هن مهيني پنهنجو 35هون جنم ڏينهن ملهائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.