ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان عباسي جي شيخ رشيد کي شاهد طور گهرائڻ جي درخواست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي شاهد طور طلب ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي.

شاهد خاقان عباسي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اپيل ڪئي آهي ته شاهدن کي ترتيب سان گهرايو وڃي، پهرين نمبر تي موجود شاهد کي اڳ ۾ گهرايو وڃي.

ن ليگ اڳواڻ موجب ايل اين جي ريفرنس ۾ شاهدن جي فهرست ۾ شيخ رشيد جو نالو پهرين نمبر تي آهي ۽ نيب شيخ رشيد جو نالو ريفرنس ۾ دانهن ڪندڙ طور به شامل ڪيو هو.

احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس لاءِ هر هفتي هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻ هر هفتي هڪ ڏينهن ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

عدالتي حڪومت موجب ٻڌڻي دوران رڳو اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪيو ويندو.

احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.