داراواهڻ ۾ ڳوٺاڻن بيسڪ هيلٿ يونٽ جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
مولوي نظر علي موريجو، جاويد علي موريجو، انيس ابڙو ۽ ٻين احتجاج بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مولوي نظرعلي موريجو بيسڪ هيلٿ سينٽر علاج لاءِ ويو جتي ڊسپينسر ڪاشف کان ڊاڪٽر بابت پڇيو ته هو بداخلاقي سان پيش آيو ۽ گارگند ڪري ٻاھر ڪڍي ڇڏيو .. ايس او ٽي
احتجاج ڪندڙن پي پي ايڇ آءِ جي اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته ڊسپينسر کي ھٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو ….