خيرپور: آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن پاران اسڪولن جي بندش خلاف احتجاج

خيرپور ۾ پرائيوٽ آل اسڪول ايسوسيئيشن پاران ڪورونا جو جواز ڄاڻائي اسڪول بند ڪرڻ خلاف مريم توب کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي ميڊم شهناز شيخ، فياض خميساڻي، زبير ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا جي ڪري اڳ به اٺ مهينا اسڪول بند هجڻ ڪري ٻار تعليم کان محروم رهيا آهن ۽ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر اسڪول بند ڪيا ويا آهن جنهن سان ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، اڳواڻن تعليم جي وزير سعيد غني کان مطالبو ڪيو اسڪولن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻارن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي ….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.