بخشاپور: بابا گرونانڪ جو 551 هين جنم ڏڻ ملهايو ويو

بخشاپور ( ن ع آ ) ـ بخشاپور سميت سموري دنيا ۾ سک پنٿ جي باني بابا گرو نانڪ جو 551 ھون جنم ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي بابا گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي جي مک تقريب گردوارا جنم اسٿان نانڪاڻا صاحب ۾ منعقد ڪئي آهي گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي جي موقعي تي گردوارا جنم اسٿان کي ڪنوار جيان سينگاري روشن ڪيو ويو آهي جنم ڏھاڙي واري ميلي جي موقعي تي لکين عقيدتمند ھزارين گاڏين جي جلوس سان نانڪاڻا صاحب پھچي رھيا آهن جڏهن ته دنيا جي ٻين مختلف ملڪن مان به ھزارين عقيدتمند پھچي گردوارا جنم اسٿان ۾ حاضري لڳائي پوڄا پاٺ ڪري رھيا آهن جڏهن ته گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري اکنڊ پاٺ جو آرنڀ ڪري اڄ رات ڀوڳ لڳايو ويندو ۽ ان خوشيء جي موقعي تي شاندار آتشبازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويندو جڏهن ته ميلي ۾ شريڪ پانڌيئڙن جي کاڌي پيتي لاء سون جي تعداد ۾ فري اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن ۽ لنگر پرساد جو پڻ آيوجن ڪيو ويو آهي سيڪيورٽي جا انتظام انثھائي سخت ڪيا ويا پاڪ فوج رينجرس پوليس جا اھلڪار مخلتف  رستن کي مڪمل سيل ڪري ڇڏيو  نانڪاڻا صاحب کي مڪمل بند ڪري سينگايو ويو  ميلي جي سماپتي تي  ملڪ پاڪستان لاء امن ۽  خوشحالي لاء پرارٿنا ڪري ڪئي ويندي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.