دريا خان مري ۽ ڀرپاسي واٽر سپلاءِ نظام ناڪاره

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري ۾ پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب واٽر سپلاءِ جون لائنون ناڪاره ھجڻ ڪري واٽر سپلاء جو پاڻي وارڊ نمبر 2 جي گھرن ۾ داخل ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي ان حوالي سان سينيئر صحافي ارشد محمود ماجد صحافين کي ٻڌايو 2 مھينن کان وارڊ نمبر 2 ۾ مسلسل واٽر سپلاءِ جي لائين ٽٽل ھجڻ سبب واٽر سپلاءِ جو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ سبب سخت پريشان آھيون ھن چيو ته روزانو گھرن اندر بيٺل پاڻي پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي رھيا آھيون ڪيترا ڀيرا پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون آھن مگر پبلڪ کاتي جي آفيسرن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، صحافي ارشد محمد ماجد ڊي سي نوشھرو فيروز انجنيئر پبلڪ ھيلٿ نوشھرو فيروز سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي واٽر سپلاءِ جون ٽٽل لائنون ٺيڪ ڪري رھواسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.