سکر ۾ گهوٽڪي واسين جو بااثرن خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) گھوٽڪي جي علائقي عادلپور جي ڳوٺ محمد علي ڪلهوڙو جي رهواسين پاران بااثر جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي الله داد ڪلهوڙو، ماروي، ڪشمالا خاتون ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين ٻڌايو ته علائقي جي بااثر جوابدار شهزادو، لطيف، يونس ۽ ٻين سڱ نه ڏيڻ تان مسمات ماروي جي اڳوڻي مڙس راجا بوزدار جي چوڻ تي سندس 4 سالن جي ڌيءَ بابرا کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي عدالتي حڪم تي بازياب ڪرايو ويو آهي. جوابدارن بدلو وٺڻ لاءِ اسان جي گھرن تي حملو ڪري بشير احمد ڪلهوڙو کي زخمي ڪري وڌو آهي، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود سندس خلاف ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.