چمبڙ ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي پاران مسڪين پورھيتن سان گڏجاڻي ڪئي وئي
ڳوٺ قادربخش رستماڻي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي سيڪريٽري جرنل ڪامريڊ امداد قاضي، سيڪريٽري سنڌ ڪميونسٽ پارٽي ڪامريڊ اقبال، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ارباب رستماڻي سميت پورهيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ننڍن ابادگارن جي حصي جو پاڻي وڏا بااثر زميندار ڏاڍ مڙسي ۽ آپباشي عملي سان ملي ڀڳت سان چورائي رھيا آھن، هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت بصر جو اگھه ڪيرائي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي ۽ کين فصل تي ڪيل خرچ جو به ڪرضي بنائي ڇڏيو آھي …
اڳواڻن چيو ته سنڌ صوبي جو سمورو ڪار ونھوار زراعت تي مشتمل آھي جنھن کي ھٿ وٺي تباھ ڪري غريب ھارين کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آھي
رپورٽ- خالد حسين صديقي