وارهه: گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

وارهه ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سرتاج احمد چانڊيو، نياز حيدري، مولوي محمد صديق مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو سياري جي موسم ايندي ئي گيس انتظاميه هٿ وٺي گيس بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن

احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪريو ته گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……

رپورٽ- مظفر قاضي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.