سکر: شيخ برادري پاران نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

شيخ برادري پاران نوجوان ذيشان شيخ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ٻٻرلو واسي نديم عباس، ڪامران علي، فائق علي ۽ ٻين احتجاج بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته  چار ڏينهن اڳ نوجوان کي سڪندر علي شاهه، امير حيدر شاھ، علي مهدي شاهه ۽ ٻين بيگناھ قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ قتل ٿيل ذيشان حيدر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ….

رپورٽ- ڪاشف ڦلپوٽو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.