احمدپور: عدالتي حڪم تي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ

احمدپور ۾ عدالتي حڪم تي غيرقانوني آڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون

احمد پور ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي لالڻ واهه جي ٻنهي ڪپرن تان غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ مختيارڪار ڪنگري عبدالحڪيم ڌاريجو، اسٽنٽ مختيارڪار نياز کنڊ ۽ ايس ڊي او ايريگيشن محمد بچل ڪانهر جي اڳواڻي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ڳوٺ پيربخش ابڙو، ڳوٺ چڪ شيخ، ڳوٺ محمد امين ميتلو سميت ٻين ڳوٺن ۾ واهه جي ڪپرن تي اڏيل غيرقانوني اڏاوتن کي ڪرين مشين ذريعي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي انتظاميه جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي سرڪاري ملڪيتن تي ٿيل قبضا هٽايا پيا وڃن، آپريشن غير جانبدار آهي ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي …

رپورٽ- نديم راجا ميتلو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.