ملڪ ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت ادائيگيون شروع، طريقي ڪار هن خبر ۾

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سماجي تحفظ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ کان احساس ڪفالت پروگرام تحت ادائيگيون شروع ڪيون ويون آهن، پهرين مرحلي ۾ 43 لک حقدار عورتن کي 12 -12 هزار رپيا ڏنا ويندا، عورتون پنهنجي رقم اي ٽي ايم ذريعي ڪڍرائي سگهن ٿيون.

پنهنجي بيان ۾ ثانيا نشتر ٻڌايو ته احساس ڪفالت پروگرام جي ادائيگي چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۾ به ڪئي پئي وڃي، احساس ڪفالت پروگرام جون ادائيگيون جولاءِ کان ڊسمبر تائين ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته حقدار عورتن کي 6 مهينن جي قسطن ۾ ادائيگيون ڪيون پيون وڃن، پهرين مرحلي ۾ 43 لک حقدار عورتن کي 12-12 هزار رپيا ڏنا ويندا.

سندس چوڻ هو ته ادائيگين جي وصولي لاءِ عورتون پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ گڏ آڻين، پروگرام ۾ شفافيت لاءِ هن ڀيري ادا ڪيل رقم جون رسيدون به جاري ڪيون وينديون.

ثانيا نشتر چيو ته ڪورونا وائرس سبب ادائيگي مرڪزن تي وٿي ۽ ايس او پيز جو خيال رکيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.