”بينظير ڀٽو جي پيروي بلاول ئي نه ڪري سگهيو ته مريم ڇا ڪندي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ان دور کي ٻيهر واپس آڻڻ ٿي چاهي جنهن ۾ ڦرلٽ سندن مشغلو هو.

سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز حڪومت طرفان مخالف ڌر جي اڄوڪي پي ڊي ايم جلسي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عوام اڄ به عمران خان جي پٺيان اڻ ٽٽ ڀت بڻجي بيٺو آهي.

شبلي فراز چيو ته پي ڊي ايم جو جلسو ڪندڙ اُهي ئي آهن جيڪي ڪجهه وقت اڳ لاڪ ڊائون جي واويلا پيا ڪن پر اِهي 150 جلسا به حڪومت کي ڪجهه نٿا ڪري سگهن.

هن چيو ته مخالف ڌر جو خيال آهي ته جلسن سان حڪومت هلي ويندي ته اِهو وساري ڇڏين، سندس چوڻ هو ته توهان وساري ڇڏيو ته توهان کي ڪو ٻيهر موقعو ملندو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مريم نواز بينظير ڀٽو بڻجڻ چاهي ٿي پر بينظير ڀٽو جي ته سندس پٽ به پيروي نه ڪري سگهيو ته توهان ڇا ڪنديون.

شبلي فراز وڌيڪ چيو ته مريم نواز دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سياسي ليڊر بڻجڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.