پاڪ ۽ چيني فوج وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان چين جي قومي بچاءَ واري وزير جنرل وي فينگي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي سميت علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻه طرفي دفاعي ڀائيواري وڌائڻ بابت به ڳالهيون ڪيون ويون.

چين جي قومي بچاءَ واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪ فوج جي مخلص ڪوششن سان گڏوگڏ سي پيڪ منصوبن لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جي ڪوششن کي به ساراهيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف علائقائي ۽ عالمي سطح تي سمورن اهم معاملن تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته اسان هڪٻئي سان گڏ بيٺا آهيون، مستقبل جي چئلينجن کي ڏسندي اسان جي لاڳاپن تي ڪو فرق نه پوندو.

ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات کانپوءِ وفدن جي صورت ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون، جنهن ۾ ٻنهي فوجن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.

ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي چيني وزير شهيدن جي يادگار تي گُل رکيا ۽ پاڪ فوج جي تندرست دستي مهمانن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.