ڊياگو ميراڊونا جو موت ڪيئن ٿيو؟ جاچ شروع

 

بيونس آئرس (ويب ڊيسڪ) انجنٽينا سان واسطو رکندڙ ليجنڊ فٽبالر ڊياگو ميراڊونا جي موت کانپوءِ پراسيڪيوٽر آفيس آپريشن ڪندڙ سرجن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي.

اختيارين موجب ليئوپولڊو لوڪ نالي ان ڊاڪٽر خلاف غفلت جي نتيجي ۾ موت جي شڪ شبهن تحت جاچ ڪئي پئي وڃي.

اسٽيٽ پراسيڪيوشن موجب ان ڊاڪٽر جي رهائش ۽ ان جي اسپتال جي تلاشي به ورتي وئي آهي.

واضح رهي ته ڊاڪٽر لوڪ هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ ميراڊونا جو دماغ ۾ هڪ رڳ ۾ رت ڄمي وڃڻ سبب آپريشن ڪيو هو، ان جي ٻن هفتن کانپوءِ 60 ورهين جو ميراڊونا لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس موت جو ڪارڻ دل جو دورو ٻڌايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.