ميرپور بٺورو: ايس ٽي پي پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميرپور بٺوري ۾ ايس ٽي پي پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

عبدالغني ملاح، غلام نبي پليجو، عامر ميمڻ، قادر بخش زئور  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تلا چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي سجاول بٺورو روڊ تي ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي کي سوچيل سمجهيل سازش تحت شهيد ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ٽنڊو الهيار پوليس شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي بچائڻ چاهي ٿي جنهن ڪري اڃا تائين ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اسلم رند کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي

اڳواڻن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث اسلم رند سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو ..

رپورٽ- امتياز علي سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.